ڀارت ۾ غربت ۾ واڌ، 40 سيڪڙو دولت هڪ سيڪڙو اشرافيه وٽ

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ )  ڀارت جي هڪ سيڪڙو اشرافيه ملڪ جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت جي مالڪ آهي، جڏهن ته غريب وڌيڪ غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيا آهن.

برطانوي اداري آڪسفيم جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت  ۾ جتي امير ترين ماڻهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اتي غريب عوام وڌيڪ غربت جو شڪار ٿي رهيو آهي، رپورٽ مطابق 2012ع کان 2021ع تائين ڀارت ۾ دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو.

ان عرصي ۾ ملڪ جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت رڳو هڪ سيڪڙو آبادي وٽ هلي وئي ۽ 2021ع ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪي دولت ڀارت جي هڪ سيڪڙو اشرافيه جي ملڪيت رهي.

رپورٽ مطابق ڀارتي ارب پتي شهرين جو انگ 166 تائين پهچي ويو جيڪو 2020ع ۾ 102  هو،آڪسفيم جو چوڻ آهي ته گذريل سان دنيا جي چوٿين ۽ ڀارت جي امير ترين شخص گوتم اڏاڻي جي دولت ۾ 46 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته ڀارت جي 100 امير ترين ماڻهن جي گڏيل دولت 660 ارب ڊالر تائين پهچي وئي.

آڪسفيم موجب ڀارت ۾ بنيادي ضرورت واريون شيون لڳاتار غريبن جي پهچ کان پري ٿي رهيون آهن، حڪومت پاران غريب ۽ وچولي طبقي تي اميرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ جا اميرترين ماڻهو گهٽ ڪارپوريٽ ٽيڪس، ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٻين مراعتن مان فائدو کڻي رهيا آهن.

آڪسفيم ڀارت ۾ معاشي اڻ برابري کي منهن ڏيڻ لاءِ امير ماڻهن تي ويلٿ ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.