ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 19 پئسا وڌڻ سان 228 رپيا 34 پئسا رهيو، انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڪاروباري سيشن ۾ ڊالر 228 رپين 15 پئسن تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ 25 پئسا رهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 228 رپيا 75 پئسا آهي. 03