جيئي سنڌ هلچل جي باني، ديش ڀڳت سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

 سن ( ويب ڊيسڪ ) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگره قومي جوش سان اڄ ملهائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ايس يو پي،  جسقم (ب)،  جسقم (آريسر)،  جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌار ڌار جلسا رٿيل آهن.

سن ۾َ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي119 هين  سالگره اڄ قومي جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي سن ۾ 4 ڌار ڌار جلسا رٿيل آهن.

گذريل ڏينهن ايس يو پي طرفان سيد جلال محمود شاه سيد زين شاه جي ميزباني ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جڏھن ته صوفي راڳ رنگ پڻ هلندڙ ھو.

سن شھر سميت مختلف بس اسٽاپن درياءُ جي ڪناري تي پوليس ۽ رينجرس کي مقرر ڪيو ويو آھي جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ ڪارڪنن کي سخت چيڪنگ ڪري رهي آهي. 

سالگرهه ناڪام بنائڻ لا۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن جست

 جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي،جنرل سيڪريٽري  سورهيه سنڌي  انور ڪرناڻي  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سرڪار پاران سيد جي سالگرهه کي ناڪام بنائڻ لا۽ سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪرايون پيون وڃن.اڳواڻن ۽  ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري خوف جي فضا ڦهلائي پئي وڃي.

هن چيو ته سائين جي ايم سيد جا عاشق   سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچي سنڌ جي قومي رهبر کي ڀيٽا پيش ڪن. سيد جي فڪر کان رياست خوفزده ٿي چڪي آهي سيد جو فڪر ۽ نظريو فتح ماڻي چڪو آهي.

ڪارڪن سن پهچن، فيبروري ۾ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو: نواز زئور

جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان ز نور چيو آھي ته  جديد سنڌي قومپرستي جي باني  رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچندا.

سندن پارٽي طرفان  فيبروري ۾ جدوجھد جو اعلان ڪيو ويندو. جڏهن ته مختلف جاين تي ڏيئا ٻاري ۽ سالگرھ جا ڪيڪ ڪٽي سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

حڪومت جبر ۽ ڏاڍ ڪري ڪارڪنن جي رستا روڪ پئي ڪري: رياض چانڊيو

جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته سائين جي ايم سيد سنڌين جي بقا جو رهبر سائين سڄي زندگي پُرامن سياست ڪئي ۽ هن وقت به ان جا پيروڪار پُرامن جدوجهد ڪن پيا پر پوليس بدترين انتقامي ڪاروايون ڪري قوم پرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري  ۽ گهرن تي چڙھايون ڪري رهي آھي سنڌ هن ملڪ اندر اهو خطو آھي جتي قانون نالي ڪا شيءِ ناهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهارين کي اغوا ڪارين منشيات فروشي, هٿيارين جي غير قانوني ڪاروبار,لينڊگريبنگ ڪرڻ  ,اٽي سميت کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ڪرڻ جي ته اجازت آھي پر جيڪي جي عوام جي ڀلائي جي ڳالھه ڪن.

هن وڌيڪ چيوته وسيلن جي ڦرلٽ  خلاف احتجاج ڪن ته پُرامن قوم پرست سياست ڪرڻ تي بندش آھي جيئي سنڌ محاذ جي سنيئروائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ سمورين سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھايون ڪري هيسايو ٿو وڃي جنهن مذمت ڪريون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.