قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي آجيان ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپسي لاءِ تحريڪ انصاف کي پنهنجون استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون، عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ويلڪم ڪنداسين، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته اسيمبلي ۾ واپس اچو، سياستدان بڻجو، پي ٽي آءِ واپس اچي ته اسپيڪر انهن جون استعيفائون واپس ڏئي سگهي ٿو، اهي ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن، پنجاب ۾ ڀرپور اليڪشن وڙهنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.