قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو، شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪرڻ وارا آهيون:عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو،لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪرڻ وارا آهيون، نگران سيٽ اپ قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهون ٿا،هن چيو ته اسان قومي اسيمبلي جي حوالي سان پلان ڪري ورتو آهي، ن ليگ ايم اين اي رابطي ۾ آهن، اڳ ۾ انهن جي ٽيسٽ ڪنداسين، پوءِ پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪنداسين،سندس چوڻ هو ته اهي ڦاسي پيا آهن، پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اهي نالا ڏنا، جيڪي ن ليگ کي قبول هجن، مون کي يقين آهي ته مارچ، اپريل ۾ چونڊون ٿي وينديون،اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ڌانڌلي بنا نٿي کٽي سگهي، تحريڪ انصاف جي ڪراچي ۾ شڪست جو سبب تنظيم جي ڪمزوري ۽ پيپلزپارٽي جي ڌانڌلي آهي،ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته ق ليگ جو مستقبل تحريڪ انصاف سان آهي، ق ليگ بيٽ جي نشان تي وڙهندي ته کٽيندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.