ڪراچي (رپورٽر)اڳوڻو وزير اعظم ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ شاهدخاقان عباسي چيو آهي چار سال نيب جي معاملي کي ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين الزام سمجهه ۾ نه آيو آهي .هن چيو منهنجي مٿان ڪرپشن نه پر اختيارن کي غلط استعمال ڪرڻ جو الزام آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته چئن سال جي غفلت 9 مهينن ۾ ختم نٿي ڪري سگهجي .هڪ ڏينهن ۾ معجزا نٿي ٿي سگهن .ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا پيش ٿيا .عدالت ريفرنس جي شريڪ جوابداراڳوڻو ايم ڊي اي پي ايس او عمران الحق جي بربت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.