ڪراچي ( رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه ۾ مڪاني چونڊن دوران اميدوار کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس پوليس گرفتار پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ اسيمبلي رابستان خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت گرفتار ايم پي اي رابستان کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. هوڏانهن جڊيشل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ مڪاني چونڊن ۾ ھنگاما آرائي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي جي ٻئي ميمبر عديل احمد کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار عديل کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙعدالت ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي امجد آفريدي سميت ٻين کي پيش ڪيو ويو آهي .عدالت 18جنوري تي جسماني رمانڊ جي لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي 03