ٽائون تائين اختيار ڏئي ڇڏيا، جيڪو به ميئر اچي پِٽڪو نه ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حافظ نعيم کي مان ۽ ناصر شاهه فون ڪري چيو ته ڪراچي جو جيڪو به ميئر بڻجي اهو پٽڪو نه ڪري. صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام جي مهرباني جو انهن اسان کي سپورٽ ڪيو، ڪراچي ۾ 245 مان 100 کان وڌيڪ سيٽون ملڻ جي اميد آهي. هن چيو ته چونڊون انتهائي پرامن رهيون، ڪالهه لا اينڊ آرڊر جا ڪجهه مسئلا هئا پر اسان حل ڪيا، مجموعي طور 13 واقعا ٿيا. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري ڪو آر ٽي ايس نه هو، ڪمپائليشن مينول آهي ۽ ٽريننگ جي کوٽ هئي، حافظ نعيم کي مان ۽ ناصر شاهه فون ڪري چيو ته جيڪو به ڪراچي جو ميئر بڻجي اهو پٽڪو نه ڪري، اسان ٽائونز ٺاهيا آهن، انهن کي اختيار آهن. مراد علي شاهه موجب ايم ڪيو ايم کي آخري وقت تائين چونڊ وڙهڻ جو چيو، چونڊن ۾ بائيڪاٽ جا نتيجا پ پ اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جو پنهنجو فيصلو هو، ٽرن آئوٽ ۾ ٻه ڳالهيون آهن، هڪ ته آخري وقت تائين بي يقيني هئي، ٻيو ايم ڪيو ايم وڏي جماعت آهي، ان جي بائيڪاٽ سان اثر پيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.