نيو گوادر انٽر نيشنل ايئرپورٽ نئون تعميري معيار حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) نيو گوادر انٽر نيشنل ايئرپورٽ پنهنجي نئون تعميري معيار حاصل ڪري ورتو آهي، ان جو 55 سيڪڙو ڪم مڪم ٿي چڪو آهي ۽ هتان 60 ڏينهن ۾ آزمائشي اڏامن جي شروعات ٿي ويندي گوادر ڊولپمنٽ اٿارٽي(جي ڊي اي) جي اختيارين ٻڌايو ته اين جي آئي اي جي تعمير تي لاڳت جو ڪاٿو 51 ارب 28 ڪروڙ 40 لک روپيا لڳايو ويو آهي. سول ايشن اٿارٽي، پاڪستان ۽ چائنا ڪميونيڪيشن ڪنسٽر ڪمپني(سي سي سي سي) سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي هم آهنگي ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ان تي ڪم وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي توقع آهي ته گوادر ٻيٽ ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿيندي ۽ پاڪستان چين واپار کي هٿي ملندي

سنڌ جي گورنر پاران ايڪسپو سينٽر ۾ ايراني شين جي نمائش جو دورو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايڪسپو سينٽر ۾ ايراني شين جي نمائش جو دورو ڪيو ۽ نمائش ۾ مختلف اسٽالن تي موجود ايراني اسمن بابت معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته ايران ۽ پاڪستان جو رشتو ٻن ڀائرن جيان مضبوط ۽ گهرو آهي ان رشتي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ هتي موجود آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ايران هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ان ڏس ۾ ايران ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته مسلم ملڪن وچ ۾ هڪ مثالي تعلق قائم ٿيڻ گهرجي،هيءَ نمائش ايران جي اسمن کي پاڪستاني عوام ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.