احسن اقبال، فواد چوڌري، طارق چيما سميت 271 پارليامينٽ ميمبر معطل

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 271 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. معطل ڪيل ميمبرن ۾ قومي اسيمبلي جا 136 ميمبر ۽ 21 سينيٽر شامل آهن، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي 48 ۽ خيبر پختونخواهه جي 54 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بلوچستان اسيمبلي جي 12 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، ميمبرن جي رڪنيت ساليانا گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب معطل ميمبر اسيمبلي اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، اعتماد جي ووٽ سميت قانون سازي ۾ به معطل ميمبر شريڪ نه ٿيندا. اليڪشن ڪميشن اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي معطل ميمبرن جي فهرست موڪليندي. معطل قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ احسن اقبال، تاج حيدر، فواد چوڌري، مراد سعيد، زرتاج گل، طارق بشير چيما، اسد عمر، عمر ايوب، نويد قمر شامل آهن. سينيٽر شوڪت ترين، عبدالغفور حيدري، احمد خان جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ثانيا نشتر، انوار الحق ڪاڪڙ، اسد قيصر، عمر ايوب، نور عالم خان، شهريار آفريدي، نور الحق قادري، غلام سرور خان، خواجا آصف، محسن رانجها، شفقت محمود، فهميده مرزا، علي زيدي، ڪنول شوزب، عندليب عباس جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.