ڪابل ۾ اڳوڻي عورت پارليامينٽ ميمبر قتل

ڪابل(م ڊ) افغانستان جي پوليس چيو آهي ته اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر مرسل نبي زاده ۽ هن جي گارڊ کي ڪابل ۾ سندس گهر ۾ گولي هڻي ماريو ويو آهي، آچر تي ٿيندڙ ان حملي ۾ هن جو ڀاءُ ۽ هڪ ٻيو سيڪيورٽي گارڊ زخمي به ٿيا آهن، 32 سالن جي مرسل نبي زاده انهن ڪجه عورت پارليامينٽ ميمبرن مان هڪ هئي جيڪا آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار تي قبضي کانپوءِ ڪابل ۾ ئي رهي رهي هئي، مرسل نبي زاده جي ويجهن ساٿين سندس خدمتن کي ساراهيندي کيس ” افغانستان لاءِ وڙهندڙ هڪ بهادر چيمپئن “ قرار ڏنو جنهن ملڪ ڇڏڻ جي موقعي کي رد ڪندي ڪابل ۾ رهندي ئي حالتن جو مقابلو ڪرڻ کي ترجيح ڏني، افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.