ممبئي: (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ وڊيوز سان ڀريل آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي مختلف اسٽنٽ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو ۽ واهپيدار انهن جي تعريف يا تنقيد ڪندي رد عمل جو اظهار ڪندا رهندا آهن.
اهڙي ريت هڪ ڀارتي ڇوڪري جي وڊيو انٽرنيٽ تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن واهپيدارن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.
View this post on Instagram
انسٽاگرام تي هڪ ڀارتي ڇوڪري طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هوءَ سائيڪل هلائيندي ڏسي سگهجي ٿي، ڇوڪرين جي سائيڪل تي سواري حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي پر وڊيو ۾ ڇوڪري سائيڪل هلائيندي حيرت انگيز اسٽنٽ ڪندي نظر اچي رهي آهي. اهو ڏسي، واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
View this post on Instagram