پرائز بانڊز بابت واهپيدارن لاءِ سٺي خبر!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پرائز بانڊز ڪيش ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اسٽيٽ بينڪ پاران جاري بيان موجب وفاقي حڪومت عوام جي سهولت لاءِ بانڊز جو ڪيش ڪرائڻ جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪندي تاريخ ۾ 30 جون 2023 تائين واڌ ڪئي آهي.

7500، 15000،25000 ۽ 40000 رپين جي ماليت جا پرائز بانڊز رکڻ وارن ماڻهو انهن بانڊز جي جڳهه تي پيسا حاصل ڪري سگهندا.

انهن بانڊز جي 25000 رپين يا 40000 رپين جي پريميم پرائز بانڊز(رجسٽرڊ) ۾ منتقلي ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ کين اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽس يا ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽس ۾ بدلي سگهجي ٿو.

انهن پرائز جي مٽاسٽا سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ بينڪ بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن جي آفيسن ۽ ڪمرشل بينڪن جي برانچن کان 30 جون 2023 تائين ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.