سيهڙن جي نالي تي ٻلين جو گوشت کپائڻ جو انڪشاف

 

مسلمان آفريقي ملڪ الجزائر ۾ سيهڙن جي نالي تي ٻلين جو گوشت کپائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب الجزائر جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڪجهه ڪاسائين طرفان ٻلين جو گوشت سيهڙن جو چئي کپايو پيو وڃي.

اختيارين ان حوالي سان شهرين کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فسنطينه برج ميونسپلٽي ۾ ڪجهه ڪاسائي اهو چئي ٻلي جو گوشت کپائي رهيا آهن ته اهو سيهڙ جو گوشت آهي.

اختيارين شهرين کي چيو آهي ته اهي احتياط ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته گوشت خريدڻ وقت منڍي ۽ پُڇ سيهڙ جو ئي هجي.

هوڏانهن ڪنزيومر پروٽيڪشن آرگنائيزيشن جي عهديدار مصطفيٰ زبدي پنهنجي آفيشل فيس بُڪ پيج تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ڪاسائين کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته اهي گوشت کپائڻ وقت سيهڙن جون منڍيون ۽ پير گڏ رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.