فلم ”ڪهو نا پيار هي“ ۾ ريتڪ جو ننڍو ڀاءُ هاڻي ڪيئن آهي؟

بالي ووڊ اداڪار ريتڪ روشن جي پهرين فلم ”ڪهو نا پيار هي“ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار انسٽاگرام تي پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن ريتڪ کي مينشن ڪيو آهي.

23 سال اڳ 2000 ۾ ريليز ٿيڻ واري سپر هٽ فلم اڀيشڪ شرما چائلڊ اسٽار طور ڪم ڪيو هو جنهن ۾ هن جي ڪردار جو نالو ”اميت“ هو.

اڀيشڪ انسثاگرام تي فلم جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته زندگي جو ڊگهو سفر طئي ٿي ويو آهي، کيس خوشي آهي ته ان تاريخي فلم جو حصو هو، هن فلم سان سکيل سبق اڄ به ياد آهي.

اڀيشيڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي راڪيش روشن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هن کيس شوق سان روشناس ڪرايو.

اڀيشڪ ”وڏي ڀاءُ“ جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سفر سبب سندس ننڍپڻ سٺو رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.