اداڪارا هما جو ڊائريڪٽر انوراگ ڪشپ تي ڪيس ڪرڻ جو اعلان

ڀارتي اداڪارا هما قريشي ڊائريڪٽر انوراگ ڪشپ جي خلاف ڪيس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

مشهور بالي ووڊ فلم گينگ آف واسي پور سان ڪيرئير جي شروعات ڪندڙ اداڪارا هما قريشي انسٽاگرام اسٽوري تي ڊائرڪٽر انوراگ ڪشپ جي نئين فلم ”آلموسٽ پيار ود ڊي جي محبت“ جي گاني جي ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته ڊائرڪٽر جي خلاف سندس گانو چورائڻ تي ڪيس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Huma Qureshi (@iamhumaq)

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ڪلپ شيئر ڪندي لکوي ته هوءَ اميت تريويدي ۽ انوراگ ڪشپ جي خلاف ڪيس ڪندي ڇاڪاڻ ته هنن سندس گانو چورايو آهي.

انوراگ ڪشپ انسٽاگرام تي اداڪارا جي اسٽوري ري پوسٽ ڪندي دلچسپ انداز ۾ لکيو ته ”ها ها ها ۽ مان اهو ڪڏهن به ريليز نه ڪندس“

انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تشهيري مهم جو حصو آهي.

فلم آلموسٽ پيار ود ڊي جي محبت جو ٽيزر 22 ڊسمبر تي ريليز ڪيو ويو هو، فلم جي ٽيزر کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي ڪهاڻي هڪ ريڊيو جاڪي ۽ نوجوان ناري جي وچ ۾ محبت تي هوندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Zee Studios (@zeestudiosofficial)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.