وفاق کي ڪو خطرو ناهي، نواز شريف واپسيءَ لاءِ تيار آهي: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نواز شريف جي پاڪستان اچڻ جي تياري مڪمل آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ن ليگ ڀت سان نه لڳندي، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ن ليگ کي نقصان ناهي ٿيو، سوشل ميڊيا سان ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.

نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جي قانوني تياري مڪمل آهي، وڪيل چوندا ته پاڪستان اچي ويندو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف سان ناانصافي نه سانحو ٿيو، پٽ کان پگهار وٺڻ تي کيس سزا ڏني وئي، عمران خان جا توشا خانا ۾ هٿ رڱيل آهن ۽ مٿس ڪيترائي ڪيس آهن، عمران خان جي ڏوهن جي ڊگهي فهرست آهي.

خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ ڏيو، ايندا ته ڏسنداسين، اعتماد جو ووٽ ضروري ناهي ته انهن جي چوڻ تي وٺون، پاڻ به وٺي سگهون ٿا، اسان جا نمبر پورا آهن، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ سان وفاق کي ڪو خطرو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.