ليائوننگ ( ويب ڊيسڪ ) چين جي صوبي ليائوننگ ۾ ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب پنج ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته 8 ڄڻا گم ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي هئي.
ڌماڪي بعد پلانٽ ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ فائرفائيٽرز ڪيئي ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ظابطو آڻي ورتو آهي.
مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪو پلانٽ ۾ مرمتي ڪم دوران ٿيو جڏهن ته ڌماڪي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.