”جوائي لينڊ“ جي علي جوڻيجي پام اسپرنگز فلم فيسٽيول ايوارڊ کٽي ورتو

 

پاڪستاني فلم ”جوائي لينڊ“ جي اداڪار علي جوڻيجي پام اسپرنگز فلم فيسٽيول ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ کٽي ورتو.

ايوارڊ کٽڻ جون خبرون ”جوائي لينڊ“ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ پام اسپرنگز فلم فيسٽيول جي آفيشل ويب سائيٽ تي شيئر ڪيون ويون آهن.

علي جوڻيجو ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ فيسٽيول ۾ موجود نه هو پر هن هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ايوارڊ کٽڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي ۽ اهو وڏو اعزاز آهي.

سندس چوڻ هو ته مون کي ان فلم تي فخر آهي، اها سڄي دنيا جي ماڻهن مان محبت ۽ پيار وصول ڪري رهي آهي، اهو انتهائي متاثر ڪندڙ تجربو آهي.

هن فلم جي ڊائريڪٽر صائم صادق جا به ٿورا مڃيا.

واضح رهي ته فلم ”جوائي لينڊ“تي هم جنس پرستي جي تڪراري موضوع تي مختلف طبقن طرفان تنقيد ڪئي وئي ۽ پنجاب حڪومت ان جي نمائش تي پابندي به لڳائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.