لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز 22 جنوري تي پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب مريم نواز جي ڏيهه واپسيءَ جو فيصلو سينيئر قيادت ڪيو آهي ۽ نواز شريف کيس پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ بابت اهم ٽاسڪ ڏنو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز پنجاب ۾ دورا ۽ سينيئر اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندي.
واضح رهي ته مريم نواز هن وقت لنڊن ۾ موجود آهي.