اليڪشن ڪميشن مان جاري عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ معطل

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ اليڪشن ڪميشن مان جاري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن مان جاري عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي خان ڪئي.

عدالت اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي جاري رکي.

جسٽس صداقت علي خان چيو ته عدليا قانون ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪندي آهي، عدليا کان رليف به وٺندا آهن ۽ ميڊيا ۾ عدالتن کي نشانو به بڻائيندا آهن، ميڊيا ۾ عدالتن کي نشانو بڻائڻ توهين عدالت آهي.

فاضل جج چيو فواد چوڌري ميڊيا ۾ اڳتي عدالتن کي نشانو بڻايو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي، هاڻ ته عدالت توهان کي رليف ڏئي رهي آهي، فواد چوڌري کي وڃي ٻڌايو ته سڄي ذميواري عدليا تي نه وجهي، هو جڏهن به ميڊيا سان ڳالهائيندو آهي ته سڄي ذميواري عدالتن تي وجهندو آهي، گهڻو ٿيو هاڻ عدالت برداشت نه ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.