فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا طرفان سال 2022ع ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن رانديگرن کي همٿائڻ لاءِ فيفا ايوارڊز جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
فيفا مينز پليئر آف ايئر جي ايوارڊ جي نامزدگين ۾ 14 فٽبالرز جا نالا شامل آهن.
فيفا مينز پليئر آف دي ايئر جي نامزدگين ۾ تازو ئي ارجنٽينا کي عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ اسٽار فٽبالر ميسي ۽ سندس ساٿي ايلواريز پڻ شامل آهي.
Voting for #TheBest FIFA Football Awards is now open! 🏆
From coaches and footballers to the fans, the awards annually honour the most outstanding achievements of the world’s most popular sport.
Voting is open until February 3 on FIFA+:
— FIFA (@FIFAcom) January 12, 2023
ان کان سواءِ فرانس جو ايمباپي ڪريم بينزما، برازيل جو نيمار، مصر جو محمد صلاح، انگلينڊ جو بلنگهم، بيلجيئم جو ڪيون ڊي برائم، ناروي جو هالانڊ، مراڪش جو حڪيمي، پولينڊ جو ليوانوڊوسڪي، سينيگال جو ماني، ڪرويشيا جو لوڪا موڊرڪ ۽ برازيل جو ونيشز جونيئر پڻ ان فهرست ۾ شامل آهي.
سال ٻه هزار سورنهن ۽ سترنهن ۾ فيفا جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو نالو پهريون ڀيرو فيفا جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ جي نامزدگين ۾ شامل نه آهي.