لطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ بار جو عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر وڪيل ۽ ناليواري قانوندان عبداللطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي حڪومت جي عدالتن ۽ وڪيلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي ڳڻتي جوڳي آهي، عدالتن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

پاڪستان بار ڪائونسل ملڪ ۾ عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته وڪيل سڀاڻي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا.

هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن به لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي سڀاڻي عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته واقعي تي مذمتي بيانن بدران اثرائتا قدم کنيا وڃن.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته پارليامينٽ وڪيلن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪري، وڪيلن جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومتن سان به رابطو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.