ڪراچيءَ جي موسم بابت حال احوال

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان سخت سيءُ آهي، جڏهن ته موسمياتي تجزئي نگارن شهر ۾ سڀاڻي کان سيءُ گهٽجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسم جي صورتحال ٻڌائيندڙن جو چوڻ آهي ته اڄ رات به ڪراچي ۾ پارو سنگل ڊجيٽ ۾ وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته سڀاڻي کان ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

موسمياتي تجزئي نگارن موجب 18 جنوري تي هڪ ٻيو اولهه هوائن جو سسٽم ملڪ تي اثرانداز ٿيندو، ان دوران سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته 23 يا 24 جنوري کان ملڪ ۾ سخت سيءُ ٿي سگهي ٿو، ڪراچي ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڌ وڌي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.