شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪنداسين: عمران خان جو قومي اسيمبلي ۾ واپسيءَ جو اشارو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪرڻ وارا آهيون، نگران سيٽ اپ قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهون ٿا.

هن چيو ته اسان قومي اسيمبلي جي حوالي سان پلان ڪري ورتو آهي، ن ليگ ايم اين اي رابطي ۾ آهن، اڳ ۾ انهن جي ٽيسٽ ڪنداسين، پوءِ پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اهي ڦاسي پيا آهن، پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اهي نالا ڏنا، جيڪي ن ليگ کي قبول هجن، مون کي يقين آهي ته مارچ، اپريل ۾ چونڊون ٿي وينديون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پ پ ڌانڌلي بنا نٿي کٽي سگهي، تحريڪ انصاف جي ڪراچي ۾ شڪست جو سبب تنظيم جي ڪمزوري ۽ پ پ جي ڌانڌلي آهي.

ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته ق ليگ جو مستقبل تحريڪ انصاف سان آهي، ق ليگ بيٽ جي نشان تي وڙهندي ته کٽيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.