ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 2800 رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 84 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 401 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 179 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1915 ڊالر في اونس آهي.