يوڪرين۾ رهائشي عمارت تي روس جو ميزائل حملو، ٻارن سميت 35 ڄڻا مارجي ويا

دنيپرو ( ويب ڊيسڪ ) يوڪرين جي شهر دنيپرو جي هڪ عمارت تي روسي ميزائل حملي جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 35 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب دنيپرو جي گورنر جو چوڻ آهي ته روسي ميزائل حملي جو نشانو بڻجندڙ عمارت جي ملبي هيٺان اڃا به اٽڪل چاليهه ماڻهو دٻيل آهن، بعد ماڻهن جي ڳولا ۽ امدادي ڪارروائين جو عمل جاري آهي.

مقامي انتظاميا موجب روسي حملي ۾ ٻن ٻارن سميت 35 ڄڻا مارجي ويا  جڏهن  75 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي جرمني جي بچاءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته يوڪرين ۾ جاري جنگي ڏوهه جا ذميوار روسي اڳواڻ ۽ فورسز آهن ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.