گوگل جي نقشي تان پنهنجي گهر جي تصوير ڪئين لڪائجي؟ وڏي مسئلي جو سولو حل ڄاڻي وٺو

ڇا اوهان گوگل ميپس اسٽريٽ ويو ۾ پنهنجي گهر جي تصوير ڏسڻ نٿا چاهيو؟ ته ڳڻتي جوڳي ڪا ڳالهه نه آهي ائين ممڪن آهي.

جي ها هڪ ٽِرڪ ذريعي اوهان پنهنجي پرائيوسي کي محفوظ رکي سگهو ٿا ۽ ان لاءِ اوهان کي رڳو ڪجهه منٽ لڳندا.

گوگل ميپس ۾ گهر کي پرائيويٽ رکڻ اوهان سيٽنگز ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا جنهن بعد هو اسٽريٽ ويو بلر/ٻاڙو ٿي ويندو.

ان مقصد لاءِ  اوهان کي گوگل ميپس ڏانهن هڪ درخواست موڪلڻي پوندي.

پر اِها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته جڏهن اوهان جو گهر اسٽريٽ ويو ۾ بلر ٿي ويندو ته وري ان کي ٻيهر واضح ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

پنهنجي ڪمپيوٽر تي گوگل ميپس ويب سائيٽ کوليو ۽ اتي سرچ بار ۾ پنهنجي گهر جو پتو لکو.

ان کان پوءِ اسٽريٽ ويو کاٻي ڪنڊ جي هيٺان واري حصي ۾ ان ايبل ڪريو جتي اوهان جي گهر يا رهائشي گهٽي جي تصوير ايندي ان تي ڪلڪ ڪريو.

انکانپوءِ ساڄي ڪنڊ ۾ هيٺ رپورٽ اي پروبلم تي ڪلڪ ڪريو ۽ ماءِ هوم سليڪٽ ڪريو،

ان کان پوءِ اوهان مائوس ڪرسر ذريعي گهر جي انهن حصن جي چونڊ ڪري سگهو ٿا جنهن کي اوهان انٽرنيٽ کان لڪائڻ چاهيو ٿا.

گوگل طرفان اوهان کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته اوهان ان کي بلر ڇو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ انڪري اوهان مختصر ۽ واضح سبب ڄاڻايو.

انکان پوءِ اي ميل ايڊريس  انٽر ڪري reCaptch  کي ڪنفرم ڪيو ۽ وري سبمِٽ بٽڻ ڪلڪ ڪريو ۽ بس.

پر اِها ڳالهه به نه وساريو ته اِها تصوير ٿرڊ پارٽي سبب ويب تي شو ٿي سگهي ٿي، جتي ان کي هٽائڻ جو ڪو مخصوص طريقيڪار موجود ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.