ٿي سگهي ٿو ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ گڏجي حڪومت ٺاهين: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ اسان سڀ کان وڏي پارٽي طور سامهون آيا آهيون، شهر ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ رابطا ڪنداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڪالهوڪي چونڊ سان ثابت ٿيو ته عام چونڊن ۾ ڌاڙو هنيو ويو، پي ٽي آءِ جي دماغ مان هوا نڪتي ته ڪراچي انهن جو آهي.

هن چيو ته پ پ پهريون ڀيرو کٽڻ جو تاثر غلط آهي، پ پ توهان جي اعتماد تي پوري لهڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪراچي مان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي سيٽون به کٽينداسين.

سندس چوڻ هو اسان جي خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم چونڊ وڙهي، ان ماضي ۾ به بائيڪاٽ ڪيو آهي، ان کي حق آهي ته احتجاج ڪري، بيان ڏئي.

سعيد غني چيو ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڳالهه ٻولهه جو ڪو ارادو ناهي، پي ٽي آءِ کي ڇڏي باقي سڀني سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، جيڪو کٽيو آهي اهو مدو پورو ڪندو ۽ عوام جي خدمت ڪندو.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي سيٽون کٽيون آهن، حافظ نعيم کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، هيل تائين جي نتيجن موجب اسان 100 جي لڳ ڀڳ يوسيون کٽي چڪا آهيون، جماعت اسلامي پ پ کان ٿوري پوئتي آهي، مجموعي طور تي جماعت اسلامي ۽ پ پ جي سيٽن جو واضح نمبر ٺهي ٿو.

هن چيو ٿي سگهي ٿو جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهين، اسان جو اندازو آهي ته ٻين جماعتن جا به 20 اميدوار کٽيا آهن، ڪراچي جي خدمت جي طاقت رڳو پ پ وٽ آهي ۽ اسان پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ سڀني سان رابطا ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.