ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته ڪنهن سان به اتحاد نه ڪنداسين.
هن چيو پي ٽي آءِ کي ليڊ نه ملي ته جماعت اسلامي کي غير مشروط طور سپورٽ ڪنداسين، اسان پ پ کي سنڌ دشمن جماعت سمجهون ٿا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ ناهي.