ڀارت ۾ طالبان ناهن، اسلام قبول ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي: راکي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت چيو آهي ته مون کي ڀارت ۾ اسلام قبول ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي.

راکي ساونت تازو عادل خان سان شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي مداحن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو.

هڪ وڊيو ۾ راکي کي ڪلمو پڙهندي نڪاح قبول ڪندي ڏٺو ويو، اڳ ۾ اداڪارا انڪار ڪيو، پوءِ مڃيو، جڏهن ته عادل خان به راکي سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

نڪاح نامي تي اداڪارا جو نالو ”فاطمه“ لکيل آهي، جنهن کانپوءِ راکي به پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ بابت خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.

هاڻ راکي اسلام قبول ڪرڻ جي معاملي تي ميڊيا سان ڳالهايو آهي، جنهن دوران هن ”لو جهاد اينگل“ تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو پر گڏوگڏ اهو به چيو ته هي ڀارت آهي، هتي طالبان ناهن، مون کي اسلام قبول ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي، ڇو ته هتي هر شئي جي اجازت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.