اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سوشل ميڊيا تي پاڪستان ماڊلز خلاف ناڪاري مهم هلائيندڙن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي ذريعن موجب ماڊلز خلاف مهم هلائيندڙ ڪيترائي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڀارت مان آپريٽ ٿي رهيا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور، ملتان، پشاور ۽ اسلام آباد مان به اڪائونٽ آپريٽ ٿيا.
ايف آءِ اي ذريعن موجب ناڪاري مهم هلائيندڙ مرڪزي اڪائونٽن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اداڪارا مهوش حيات ميجر رٽائرڊ عادل راجا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن جي ٻڌڻي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ اداڪارا خلاف سوشل ميڊيا تي موجود مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.