لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي بالنگ ذريعي تي مداحن کي ته اڳ ئي متاثر ڪري چڪو آهي پر هاڻي هُن لغر اڏائڻ جي وڊيو مداحن سان شيئر ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون آهن.
شاهنواز ڏاهاڻيءَ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس ٻنين ۾ ٻارن سان گڏ لغر اُڏائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
Here is my Gang❤️. #larkanavillagelife pic.twitter.com/cVxdnHgoWy
— Shahnawaz Dahani (@ShahnawazDahani) January 16, 2023
ڏاهاڻي پنهنجي ٽوئيٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مون پنهنجي ڳوٺ ۾ شهر کان ڪاٽا ٿي آيل ڪيئي لغڙ پڪڙيا آهن.
اسان جو ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر جي ڀرسان هئڻ سبب اسان کي هوا جي زور تي ڪيئي لغڙ ملندا هئا، اڄ هڪ ڀيرو وري مون تيزي سان لغڙ پڪڙيو آهي، انهن ٻارن سان بُرو ٿيو جن کي مونسان مقابلو ڪرڻو پيو.
هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ ڏاهاڻي ٻارن سان مختلف تصويرون پڻ شيئر ڪيون ۽ سمورن ٻارن کي پنهنجي گينگ قرار ڏنو.
As a child I used to catch lot of kites coming from city, our village is just near larkana city, we get lot of kites when wind is on our direction. Today again I was fast enough to catch a kite, unfair with these kids to have a competitor like me😍#villagelife #childhoodmemories pic.twitter.com/3B0QP4ZW2W
— Shahnawaz Dahani (@ShahnawazDahani) January 16, 2023