شام تائين ڪراچيءَ جي سمورين يوسيز جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا: صوبائي اليڪشن ڪمشنر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته تائين اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ شام تائين ڪراچيءَ جي سمورين يوسيز جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز انور چوهاڻ چيو ته چونڊن ۾ ڪيترائي مسئلا  ۽ چئلينجز پڻ هوندا آهن، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني نڀائي آهي.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪنهن به آفيسر ان عمل ۾ ڪا ڪوتاهي ناهي ڪئي، جنهن آفيسر ڪوتاهي ڪئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته پولنگ جو وقت پنجين وڳي تائين هو، ڪيئي پولنگ اسٽيشنز تي شام ڇهين وڳي تائين پولنگ جو عمل جاري رهيو، اڄ شام تائين ڪراچي جي سمورين يوسيز جا نتيجا مڪمل ٿي ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته الڳ الڳ ڪيٽيگري جي فارمز 11 ۽ 12 ٺاهيا ويا، مختلف وقتن ۾ ڳڻپ شروع ٿي، اليڪشن ڪميشن پاڪستان مانيٽرنگ جو سخت طريقيڪار رکيو آهي، سيڪريٽري اليڪشن ۽ اسپيشل سيڪريٽري به ڪراچي ۾ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.