مڪاني چونڊن جو وڏو اَپ سيٽ، پي ٽي آءِ ڪراچيءَ جو صدر يوسي جي سيٽ به کٽي نه سگهيو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي اليڪشن ۾ هنيئر تائين جو سڀ کان وڏو اَپ سيٽ سامهون آيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جو صدر ۽ ايم پي اي خرم شير زمان يوسي جي چونڊ هارائي ويو آهي.

خرم شير زمان کي صدر ٽائون يوسي 11 مان پ پ جي سيد نجمي هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ، نجمي عالم ان سيٽ تي ٻه هزار 696 ووٽ حاصل ڪيا.

واضح رهي ته خرم شير زمان ان علائقي مان ٻه ڀيرا ايم پي اي چونڊجي چڪو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.