ڪي پي، جي يو آءِ حڪومت جي انتظار ۾ آهي، عمران ٻيهر آيو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو

پشاور (م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪي پي مستقبل ۾ جي يو آءِ حڪومت جو منتظر آهي، اهم سياسي شخصيتن جي يو آءِ ۾ شموليت جاري آهي جنهن مان واضح آهي ته حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن. پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو عوام جي يو آءِ سان خاص لڳاءُ رکي ٿو، هي هڪ خاندان جي شموليت جو فيصلو نه پر عوام جو رويو ٻڌائي رهيو آهي ته مستقبل ۾ ڪي پي ۾ جي يو آءِ جي حڪومت هوندي. هن چيو ته عمران خان پنهنجن آقائن جي ايجنڊا مڪمل نه ڪري سگهيو، عمران خان پرڏيهي قوتن جي ايجنڊا پوري ڪرڻ چاهي پيو. هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته رڳو تون ايماندار، ٻيا چور ته پاڪستان جي دوستن توتي يقين ڇو نه ڪيو؟ تون حڪومت ختم ٿيڻ بعد پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪاغذ هوا ۾ لهرائي ڪوڙيو بنيانيو گهڙيو. هن وڌيڪ چيو ته مقابلو سخت ۽ وقت گهٽ آهي، عمران خان ۾ فيصلي جي سگهه ناهي، اسيمبلي ٽوڙي ٿو ته جلد ٽوڙي، چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سياست ختم ڪنداسين. عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، دنيا اسان جي مدد ڪري رهي آهي، عمران خان ٻڌائي ته پاڪستان جي دوستن اوهان جي مٿان ڀروسو ڇو نه ڪيو؟ دنيا چوي ٿي ته عمران خان کي پئسا ڏيندو ته اهي ضايع ٿي ويندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.