ميونسپل ڪاميٽي بدين جي 14 وارڊن مان 12 تي پ پ ميدان ماري ورتو

بدين ( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو ) مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ ميونسپل ڪاميٽي بدين جي چوڏنھن وارڊن مان غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن تحت پيپلز پارٽي جا 12 اميدوار ڪامياب ٿي ويا ،جڏنھن ته 2 وارڊن  تي پي پي مخالف اميدوار  اليڪشن کٽي آيا. بدين وارڊ نمبر 1 تان پي ٽي آءِ جو اميدوار شاھجھان خاصخيلي 556 ووٽ کڻي ڪامياب  ٿيو ،مخالف پي پي اميدوار الھورايو سومرو 502 ووٽ کڻي سگھيو .  وارڊ نمبر 2 تان جي ڊي اي اميدوار مدثر خاصخيلي 516 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،پي پي اميدوار آپا حميده خاصخيلي 425  ووٽ کڻي سگھي ،وارڊ نمبر 3 تي پي پي جو الھڏنو عرف پوڙھو لغاري 615 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ،جڏنھن ته مخالف ايس يو پي اميدوار دانش نور سومرو 402 کڻي سگھيو ، ورڊ نمبر 4 تي پي پي جو سليمان سومرو 888 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو مخالف جي ڊي اي جو اميدوار رزاق سومرو 768 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 5 تان پي پي اميدوار گلزار ميمڻ 782 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو ،مخالف آزاد اميدوار محمد رحيم اڊيجو 724 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 6 تان پي پي جو يعقوب سومرو 1186 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ،جڏنھن ته مخالف آزاد اميدوار معين الدين سومرو 757 ووٽ کڻي سگھيو .وارڊ نمبر 7 تان پي پي جو اميدوار عاشق علي گوپانگ 763 ووٽ  کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف جي ڊي اي جو اميدوار سليم بجير 276 ووٽ کڻي سگھيو ،وارڊ نمبر 8 تي پي پي جو طارق ھاشماڻي 689 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،جڏھن ته جي ڊي اي جو اميدوار ذوالفقار شيدي 386 ووٽ کڻي سگھيو ،وارڊ نمبر 9 تان پي پي جي فتح محمد گوپانگ 408 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،مخالف جي ڊي اي جو اميدوار اسلم نوتڪاڻي 408 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 10 تان پي پي جو پي پي جو اميدوار مبارڪ سومرو 661 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف جي ڊي اي جو يعقوب سومرو  481 ووٽ کڻي سگھيو . وارڊ نمبر 11 تان پي پي جو پير محمد صالح قريشي 1552ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، مخالف جي ڊي اي جو ڪريم بخش سومرو 894 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 12  تان پي پي اميدوار 797ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، مخالف  جي ڊي اي جو اميدوار لونگ خاصخيلي 367 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 13 تان پي پي اميدوار نور محمد ملاح  996  ووٽ کڻي ڪامياب ڪيو ۽ مخالف جميعت العلماءُ جو اميدوار رفعت نويد 305 ووٽ کڻي سگھيو  ،وارڊ نمبر 14 تان پي پي جو علي اڪبر ميمڻ 819 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ،مخالف اميدوار جي ڊي اي جو رياض طاھراڻي  440 ووٽ کڻي سگھيو ، جڏهن ته يوسي کورواهه مان ضلعي ڪائونسل ميمبر طور ايس يو پي اميدوار امير حسن پنهور ڪاميابي ماڻي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.