ٺٽي ضلعي ۾ پ پ کي سرسي حاصل، ساڪرو ٽائون ڪاميٽي تي اپ سيٽ شڪست

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ضلعي ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن جي چونڊن ۾ پ پ پ کي سرسي حاصل، ميرپور ساڪرو ٽائون ڪميٽي تي پ پ پ کي اپ سيٽ شڪست. ٺٽي ضلعي جي 40 يونين  ڪائونسلن، 5 ٽائون ڪميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪميٽي جي ٿيل چونڊن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا آھن. حاصل ڪيل معلومات موجب آخري اطلاعن تائين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي 7 وارڊن مان 4 وارڊن تي پ پ پ جي اميدوارن منظور شاھ شيرازي، عبدالعزيز پکيئڙو، غلام مجتبيٰ خشڪ، شھباز سرائي ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽائون ڪميٽي مڪلي جي ٽن وارڊن تي پ پ پ اميدوار تنوير شاھ شيرازي.فدا حسين شاھ ۽ غلام رسول خشڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. غير حتمي نتيجن موجب گھارو ٽائون ڪميٽي جي 6 ئي وارڊن تي پ پ پ اميدوارن عثمان ڪنڀار، مير بابو پنھور، سڪندر چانڊيو، زمان خاصخيلي، قمر مغل ۽ وحيد عارفاڻي ڪاميابي ماڻي. جڏھن تہ ٻن ٽائون ڪميٽين گھوڙاٻاري ۽ ڳاڙھو ۾ سڀني وارڊن تي پ پ پ اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي چڪا آھن. جڏھن ته ميرپور ساڪرو ٽائون ڪميٽي تي پ پ پ اميدوارن کي شڪست جو منھن ڏسڻو پئجي ويو آھي. ميرپور ساڪرو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ ھڪ تان آزاد اميدوار اقبال خاصخيلي پ پ پ جي اميدوار عامر حسين ھديو کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. جڏھن ته وارڊ به تي آزاد اميدوار اقبال خاصخيلي جي حمايت يافته اميدوار عزيز کٽي پ پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. جڏھن ته ضلعي ٺٽي ۾ يونين ڪائونسل جي چيئرمين، وائيس چيئرمين، توڙي ڪائونسلرن ۽ ضلعي ڪائونسل جي اميدوارن جي ٿيل چونڊ مقابلن ۾ اڪثريت تي پ پ پ اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. يونين ڪائونسل چليا تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار پ پ پ اڳواڻ رسول بخش جاکرو مخالف اميدوار نبي بخش عرف ڏاڏا جاکرو کي ھارائي ڇڏيو، يونين ڪائونسل جنگشاھي تي پ پ پ اميدوار تراب علي جوکيو مخالف آزاد اميدوار حاڪم علي بروھي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. جڏھن ته ضلعي جي 40 يونين ڪائونسل جي چيئرمين سيٽن مان 20 سيٽن تي پ پ پ اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آھن، رات دير تائين تائين مختلف پولنگ اسٽيشن جي رزلٽ اچڻ جو سلسلو جاري ھو. 2 جنرل ڪائونسلن جي سيٽن تي جماعت اسلامي جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي آھي، جنھن ۾ يونين ڪائونسل جھمپير مان لطيف شورو ۽ يونين ڪائونسل گلمنڊا ۾ محرم خاصخيلي ڪاميابي ماڻيندڙ ۾ شامل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.