مڪاني چونڊ: مرڪزي ڪنٽرول روم جا ميمبر صورتحال کان آگاهي وٺندا رهيا

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پولنگ جي عمل ۾ ڪنهن قسم جي رنڊڪ يا رڪاوٽ جي حوالي  سان ڪا شڪايت ناهي ملي ۽ ان جي فوري ازالي لاءِ قائم مرڪزي ڪنٽرول روم جا ميمبر دورا ڪري صورتحال کان آگاهي وٺندا رهيا. آچر ڏينهن ڪراچي، حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ دوران بلوچستان جي ميمبر شاهه محمد جتوئي مرڪزي ڪنٽرول روم، اليڪشن ڪميشن سيڪرٽريٽ جو دورو ڪيو. مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ هن وقت تائين 2 شڪايتون مليون هيون. ٻئي پولنگ ۾ دير جي حوالي سان هيون جن جو فوري ازالو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق سنڌ جي ميمبر نثار دراني به مرڪزي ڪنٽرول روم، اليڪشن ڪميشن سيڪرٽريٽ جو دورو ڪيو.

  • ايس ايس پي حيدرآباد جو اليڪشن سيل جو دورو

حيدرآباد (رپورٽر) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران دورو ڪيو، ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ اليڪشن سيل  جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي بهتر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. تفصيل مطابق مڪاني چونڊن جي شروعات تي ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ اليڪشن سيل جو دورو ڪيو ۽ موجوده صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ايس ايس پي حيدرآباد مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي بهتر بنائڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون ڏنيون ۽ سموري عملي کي متحرڪ رهڻ جي به هدايت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.