ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪاميٽي پ پ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ: غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي ستن ئي وارڊن  ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ  چونڊ جا غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا،جڏهن ته ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر هڪ تي پيپلزپارٽي جو جان محمد جت 573 ووٽ کڻي ڪامياب ، سندس مخالف تحريڪ لبيڪ جو اميدوار اميرعلي جڳسي 147  ووٽ کڻي  هارائي ويو،وارڊ نمبر 2 تي پ پ  جو عبدالمجيد خاصخيلي 991  ووٽ کڻي ڪامياب آزاد اميدوار محمدعلي خاصخيلي 11 ووٽ کڻي هارائي ويو وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي جو بابو ارشاد علي جڳسي 787 ووٽ کڻي ڪامياب سندس سامهون بيٺل آزاد اميدوار الطاف جڳسي 585 ووٽ کڻي هارائي ويو وارڊ نمبر چار تي پ پ جو امير سلطان چانڊيو 885 ووٽ کڻي ڪامياب سندس سامهون بيٺل جي يو آءِ جو مولوي محبوب نظاماڻي 252 ووٽ کڻي هارائي ويو.وارڊ نمبر 5  تي پ پ جو عبدالرزاق سومرو  533 ووٽ کڻي  ڪامياب آزاد اميدوار خيرمحمد نظاماڻي 406 ووٽ کڻي هارائي ويو وارڊ نمبر 6 تي پ پ جو اسلم نوتڪاڻي 1167 ووٽ کڻي ڪامياب آزاد اميدوار اسد جڳسي 380 کڻي هارائي ويو وارڊ نمبر 7 تي پ پ جو  هاشم ورڙ 948 ووٽ کڻي ڪامياب سندس سامهون بيٺل آزاد اميد وار بشير جڳسي  593 ووٽ کڻي هارائي ويو غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پوري ٽائون جي ستن ئي وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.