چونڊ نتيجن ۾ دير پئي ٿئي، گهيراءُ ڪنداسين: حافظ نعيم

ڪراچي(م ڊ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ اسان تقريبن هر جاءِ تي نمبر ون پارٽي جي پوزيشن ۾ موجود آهيون، هڪ نجي ٽي وي سان  ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سينٽرل، ايسٽ ۽ ڪورنگي ضلعي ۾ اسان گهڻي سٺي پوزيشن ۾ آهيون، انهن ضلعن ۾ تقريبن 125 يونين ڪميٽيون آهن، هن چيو ته جماعت اسلامي اوڀر ضلعي ۾ به ڪافي جاين تي اڳتي آهي، ايستائين جو اسان کي ڪياماڙي ۾ به ڪجهه هنڌن تي سرسي حاصل آهي، ملير جي ڪجهه حصن ۾ به اسان ليڊ ڪري رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊ منعقد ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، باقي سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وارا ته چاهي رهيا هئا ته چونڊون نه ٿين،هن چيو ته بي يقيني صورتحال ۾ جيڪڏهن 10 سيڪڙو به ٽرن آئوٽ هوندو  ته مان ڪراچي جي عوام کي سلام پيش ڪندس، منهنجو خيال آهي ته اهو ٽرن آئوٽ 25 سيڪڙو تائين ويندو، منهنجي خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم ميدان ۾ هجي ها ته خبر پويس ها ته ڪٿي بيٺل آهي، هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان کي فارم 12 نه پيو ڏنو وڃي، سنڌحڪومت جا ڪجهه ڊي سيز چونڊ نتيجن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهيا آهن، اسان توهان کي ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.