ٽنڊو محمد خان ۾ به پ پ کي واضح اڪثريت

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) سنڌ جي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڊسٽرڪٽ ٽنڊو محمد خان ۾ صبح 8 وڳي پولنگ جو عمل شروع  ٿيو  جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي کان جاري رهيو. پولنگ اسٽيشن نمبر 40 تي پهريون ووٽ صبح 8 وڳي 20 منٽ تي ڪاسٽ ٿيو، ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان جي 196 سيٽن مان 71 سيٽن تي بنا مقابلي اميدوار چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته 125 سيٽن لاءِ ميدان سجايو ويو، 15 جنوري جي بلدياتي چونڊن ۾ 125 سيٽن لاءِ 433 اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر لاءِ 76 اميدوار، ميونسپل ڪميٽي لاءِ 81، ٽائون ڪميٽيز لاءِ 41، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 53 ۽ جنرل ڪائونسلر لاءِ 182 اميدوار چونڊ عمل ۾ حصو ورتو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.