جي يو آءِ ف پ پ تي ڌانڌلي جو الزام مڙهي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان جي يو آءِ ف وفاق ۾ پنهنجي اتحادي جماعت پ پ تي ڌانڌلي جو الزام مڙهي ڇڏيو، جي يو آءِ اڳواڻ قاري عثمان پ پ تي ڌانڌلي جو الزام مڙهيندي چيو ته 24 جولاءِ 2022ع کان  ملتوي ڪندي ڪندي مڪاني چونڊ 15 جنوري تائين کڻي آيا، پولنگ اسٽيشنن تي عملي کي رات تائين پهچڻو هو، جيڪو نه پهتو، ٽي ٽي ڪلاڪ دير سان پولنگ عملو پهتو ۽ اليڪشن ٿي، هن چيو ته پوري ڪياماڙي ۾ سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي، اهي ماڻهو ڏيکاءُ لاءِ اليڪشن ڪري رهيا آهن، يوسي 8 ۾ چيئرمين جو اميدوار ڌانڌلي ڪندي پڪڙيو ويو، ماڙيپور يوسي 3 ۾ عورت پولنگ اسٽيشن تان ٺپا غائب هئا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو، اهو نه ٿئي ته سموريون جماعتون اليڪشن کي رد ڪري ڇڏين، هر يوسي ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون مليون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.