چنيسر ڳوٺ ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار تي بدترين تشدد

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي چنيسر ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن ۾ ٻن سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ سياسي  ڪارڪنن پاران هڪ ٻئي تي تشدد ڪيو ويو، يوسي 8 ۾ واقع گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز سيڪنڊري هاءِ اسڪول ۾ پولنگ اسٽيشن ۾ پ پ ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو ، هڪ سياسي جماعت جي ڪائونسلر جي اميدوار تي ٻي سياسي جماعت جي ڪارڪنن پاران تشدد ڪيو ويو ، محمود آباد پوليس جو  ان حوالي سان چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي ڪارڪن کي مخالف جماعت جي ماڻهن تشدد جو نشانو بڻايو، صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ بعد ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، سياسي جماعت جي ڪارڪنن پاران ٻي پارٽي جي ڪارڪنن تي ڏنڊن، لتن ۽ ٺونشن جو استعمال ڪيو ويو، پولنگ اسٽيشن ميدان جنگ جو منظر پيش ڪرڻ لڳي، مڇريل ماڻهن جيو نيوز جي ٽيم تي به حملو ڪيو ۽ ڪئميرا کسڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سڄي صورتحال ۾ پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، ايف سي جي اهلڪارن وچ ۾ پئي معاملي کي ٺاريو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.