اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي اشتهارن جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن جو مختلف چينلن تي سنڌ حڪومت پاران هلندڙ اشتهارن جو نوٽيس ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن  جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اشتهارن ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مڪاني چونڊن جي پولنگ واري ڏينهن انهن اشتهارن کي هلائڻ ضابطه اخلاق جي خلاف وري آهي. اليڪشن ڪميشن پيمرا کي هدايت ڪئي آهي ته اشتهارن  کي اڄ نشر ٿيڻ کان روڪيو وڃي، سرڪاري خزاني مان اشتهاري مهم هلائڻ تي اليڪشن ڪميشن پاران سيڪريٽري انفارميشن سنڌ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پاران اشتهاري مهم تي سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيا ويا، ڪا به سياسي جماعت سرڪاري خزاني مان اشتهاري مهم نٿي هلائي سگهي، اليڪشن ڪميشن پاران سيڪريٽري انفارميشن سنڌ کي اڄ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پيش نه ٿيڻ تي معاملو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موڪليو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.