حيدرآباد ۾ پولنگ اسٽيشنون ۽ وارڊ تبديل

حيدرآباد(رپورٽر) مڪاني چونڊن ۾ ووٽرن جون پولنگ اسٽيشنون ۽ وارڊ تبديل ٿي ويا، ووٽر لسٽن ۾ غلطين جي ڪري حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تان ووٽرن جون اهي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون ته سندن وارڊ ۽ پولنگ اسٽيشنون تبديل ٿي ويون آهن، ووٽ سندن علائقي جي پولنگ اسٽيشن بجاءِ ٻي پولنگ اسٽيشن جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيل آهن، اهڙي طرح هڪ ئي خاندان جي ماڻهن جا مختلف وارڊن ۽ پولنگ اسٽيشنن جي ووٽرلسٽن ۾ ووٽ رڪارڊ ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون، جنهن جي ڪري ووٽر پولنگ اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽيندي پريشان ٿيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.