حالتون تڏهن بهتر ٿينديون جڏهن اسٽيبلشمينٽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندي: عمران خان

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ هن جي پارٽي جو مينڊيٽ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي وئي ته مزاحمت ڪئي ويندي، لاهور ۾ ٽي وي چئنلن جي پروڊيوسرن سان ملاقات ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي ۽ قانون کان مٿانهين آهي، هن چيو ته حالتون تڏهن بهتر ٿينديون جڏهن اسٽيبلشميٽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندي، جيتري طاقت فوج وٽ آهي ايتري ڪنهن ٻئي اداري وٽ ناهي، هن چيو ته فوج هاڪاري رول ادا ڪري ته ملڪ کي اڳتي وڌڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي، ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جي ماڻهن کي ن ليگ ۽ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي گهرائي چيو ويو ته عمران خان جو ڪو به مستقبل ناهي، هن چيو ته هن وقت اسان يا ڊيفالٽ آهيون يا آءِ ايم ايف جو آپشن آهي، بهتر ٿيندو ته اسان ان صورتحال ۾ آءِ ايم ايف ڏانهن هليا وڃون، عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته موجوده آرمي چيف شفاف چونڊون ڪرائيندو، اين آر او کان علاوه مان هر ڳالهه لاءِ تيار آهيان، هوڏانهن عمران خان سنڌ جي عوام کان بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو جي عوام کي منهنجو پيغام آهي ته نڪرو ۽ ووٽ وجهو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.