وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ لاءِ اسان وٽ نمبر پورا آهن: راڻا تنوير حسين

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ تعليم واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اسيمبلين جي پويان لڪيل هو، هو هاڻي همت ڪري ۽ پنجاب وانگر ڪي پي ڪي جي اسيمبلي به ٽوڙي ته کيس لڪڻ جي جڳهه به نه ملندي، هو بادشاهت کان فقير بڻجي ويندو، رانا فارم هائوس ۾ چيف ايگزيڪيٽو بيڪ اينڊبائيٽ پاڪستان چوڌري سيف علي سنڌو ۽ چوڌري امتياز احمد ڪمبوه سان ڳالهائيندي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ هاڻي ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ دير کان ڪم وٺي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته مرڪز ۾ وزيراعظم لاءِ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ڄاڻي وٺن ته اسان وٽ نمبر پورا آهن اسان 10 ڀيرا اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ تيار آهيون. پنجاب ۾ نگران وزيراعليٰ جي نالي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته سڀاڻي تائين ٻنهي پاسن کان ٽي ٽي نالا اچي ويندا جنهن لاءِ مشاورت جاري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.