حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ووٽرن جي عدم دلچسپي، ٽرن آئون گهٽ رهيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ ووٽرن جي دلچسپي گهٽ نظر آئي، پولنگ اسٽيشنن تي ٽرن آئون گهٽ رهيو، ووٽرن سياسي جماعتن خلاف خاموش احتجاج رڪارڊ ڪرايو،  ووٽرن جي عدم دلچسپي ۽ احتجاج جو مک سبب سياسي جماعت جي بائيڪاٽ جي اعلان جو پر مهانگائي ۽ بيروزگاري نظر آيو، اميدوار منٿون ڪندي ووٽرن کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر تنهن جي باجود ووٽر گهرن کان نه نڪتا ۽ هنن مڪاني چونڊن کي ڪا خاص اهميت نه ڏني، حيدرآباد ۾ اڪٽر پولنگ اسٽيشنن ٽرن آئون 20 کان 25 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ۽ سياسي جماعتن جي عهديدارن جي مداخلت ۽ منٿن کانپوءِ به ٽرن آئوٽ 35 کان 45 سيڪڙو نظر آيو ۽ مجموعي طور تي شهري آبادي جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۾ ٽرن آئوٽ ۾ وڌيڪ هو، شهري علائقن جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي صبح 11 وڳي تائين هڪ به ووٽر ووٽ ڏيڻ جي لاءِ نه پهتو هو، صبح کان وٺي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي اهي اطلاع ملندا رهيا ته شهري علائقن ۾ شهري جوش ۽ جذبي سان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي لاءِ گهران نه نڪتا آهن، شهري علائقن جي پولنگ اسٽيشنن تي 12 وڳي کانپوءِ ڪجهه ووٽرن پولنگ اسٽيشنن جو رخ ڪيو، پر شام 5 وڳي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ تائين ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي ٽرن آئوٽ 20 کان 25 سيڪڙو مس رڪارڊ ٿي سگهيو هو. شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهن جي چونڊن ۾ عدم دلچسپي جو وڏو ڪارڻ مهانگائي ۽ بيروزگاري ٻڌايو پيو وڃي، ووٽر اميدوارن کي اهو چوندي نظر آيا ته اسان هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهيون ۽ توهان وري ووٽ وٺڻ جي لاءِ اچي رهيا آهيو، بنيادي سهولتون نه هجڻ وارو تاثر ته هڪ طرف پر مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.