گلشن معمار ۾ جهيڙو، پي ٽي آءِ ايم پي اي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار بلاڪ ڊي ۾ ٻن سياسي پارٽين وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي رابستان خان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ميڊيا موجب ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن وڏي انگ ۾  پولنگ اسٽيشن ٻاهران پهتا ته ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي. پيپلزپارٽي جي يوسي 12 جي نامزد يوسي چيئرمين هلال سعيد تي مبينا تشدد ڪيو ويو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. گلشن معمار پوليس پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان کي حراست ۾ ورتو، واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.